تاريخ طبري

تاريخ طبري (ڪتاب ):هن تاريخ جو مصنف ابوجعفر محمد بن جرير طبري (310هه/922ع) آهي. هيءَ تاريخ عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. ساسانين جي دؤر حڪومت ۾، بوعلي محمد بن محمد بلعمي، منصور بن نوح سامانيءَ جي حڪم تي 963هه/1555ع ۾، انهيءَ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ترجمو نهايت سادو ۽ فارسي نثر جي قديم اندازِ بيان جو نمونو آهي. ان ۾ عربي لفظ گهٽ استعمال ٿيل آهن. هيءُ ڪتاب اسلامي تاريخ جو مستند ماخذ آهي.


لفظ تاريخ طبريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو